اوڪاڙا ۾ هڪ المناڪ واقعو پيش آيو، جتي ٻي شادي ڪرڻ تي پهرين زال پنهنجي ڀائرن ۽ ڀيڻ جي مدد سان پنهنجي مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب وڪيل اويس اڪرم ڪجهه وقت اڳ نجمہ عرف سونيا سان شادي ڪئي هئي، جڏهن ته هن ساڳئي وقت پنهنجي برادري جي ڇوڪري سان ٻي شادي پڻ ڪري ورتي.ٻي شاديءَ جي رنجش سبب نجمہ ناراض ٿي چڪ ڍکو ۾ پنهنجي ڀاءُ جي گهر هلي وئي هئي، جڏهن ته اويس اڪرم رسول پور ۾ پنهنجي چاچي جي گهر موجود هو. ان موقعي تي نجمہ، سندس ڀاءُ ۽ ڀيڻ پهچي ويا ۽ مبينا طور تي نجمہ اويس تي تشدد ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو.ايس ايڇ او چوهدري سرور پوليس نفري سان گڏ واقعي واري هنڌ پهتو ۽ گهر گھوٽ جي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪئي وئي. پوليس نجمہ عرف سونيا، سندس ڀيڻ عزرہ بي بي، اظهر الحسن ۽ اعظم کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
