ايف آءِ اي اين سي بي ۽ انٽرپول جي گڏيل ڪارروائي دوران سنگين جُرمن ۾ گهربل اشتھاري ملزم دتيمور حسنکيسعودي عرب مان گرفتار ڪيو ويو. ايف آءِ اي ترجمان موجب قتل جي مقدمي ۾ گهربل دتيمور حسن کي گرفتار ڪري اسلام آباد ايئرپورٽ منتقل ڪيو ويو.گرفتار ملزم گذريل 4 سالن کان پنجاب پوليس کي گهربل هو. ملزم خلاف قتل جي دفعاتتحت ٿاڻي صدر منڊي بهاءالدين ۾ مقدمو داخل هو، جنهن لاءِ ايف آءِ اي اين سي بي انٽرپول رِيڊ نوٽيس جاري ڪيو هو.ايف آءِ اي امیگریشن اسلام آباد بعد ۾ ملزم کي پنجاب پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ملزم جي حوالگي انٽرپول اسلام آباد۽انٽرپول رياض جي ويجهي رابطي سبب ممڪن ٿي.
