حڪومت عمران خان کي ٻي صوبي جي جيل منتقل ڪرڻ تي غور پئي ڪري اختيار ولي خان

اسلام آباد وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر براءِ اطلاعات ۽ امورِ خيبرپختونخوا اختيار ولي خان پريس کانفرنس ۾ چيو آهي ته حڪومت باني پي ٽي آءِ عمران خان کي ڪنهن ٻي صوبي جي جيل منتقل ڪرڻ تي سنجيدگي سان غور ڪريرهيآهي۔هن ٻڌايو ته اڊياله جيل ٻاهران پي ٽي آءِ جي روزاني احتجاج سبب شهرين جي زندگي تڪليف ۾ آهي، تنهنڪري قيدي نمبر 804 کي ٻي جيل منتقل ڪرڻ جي تجويز سامهون آئي آهي۔اختيار ولي خان الزام لڳايو ته پي ٽي آءِ ملڪ کي عدم استحڪام ڏانهن ڌڪي رهي آهي ۽ احتجاج جي نالي تي فتنن ۽ فساد کي هٿي ڏني پئي وڃي۔ هن چيو ته اهي ماڻهو نوجوانن کي ڀڙڪائي رهيا آهن ۽ ملڪ جي وقار کي نقصان پهچائي رهيا آهن۔هن افواجِ پاڪستان جي ساراهه ڪندي چيو ته پاڪستان مشڪل وقت ۾ ايران ۽ قطر سان گڏ بيٺو۔اختيار ولي خان چيو ته سياست ۾ مذهب جو استعمال وڌي ويو آهي ۽ پي ٽي آءِ پنهنجن سياسي مقصدن لاءِ مذهب کي هٿيار طور استعمال ڪري رهي آهي۔نچيوتهخيبرپختونخوا ۾ 13 سالن دوران نه ڪا يونيورسٽي ٺهي ۽ نه ئي ڪو اسپتال، جڏهن ته ٻن وزيرن جي گاڏيون منشيات وارن ڪيسن ۾ ٿاڻن ۾ بيٺل آهن۔وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر چيو ته صوبائي حڪومت دهشتگردن جي سهولتڪار بڻيل آهي ۽ باني پي ٽي آءِ سان ڳالهين جا سمورا دروازا بند ٿي چڪا آهن۔هن وڌيڪ چيو ته 9 مئي ۽ 26 نومبر جهڙا واقعا پي ٽي آءِ جي اصل سوچ جي عڪاسي ڪن ٿا، جڏهن ته پارٽي جا سوشل ميڊيا اڪائونٽس ڀارت ۽ اسرائيل مان هلائي سگهيا پيا

پنھنجي راءِ لکو