سوار محمد حسين شهيد نشانِ حيدر جو 54هون يومِ شهادت عقيدت ۽ احترام سان منايو پيو وڃي

1971ع جي جنگ ۾ جرئت، بهادري ۽ ناقابلِ فراموش قرباني ڏيندڙ سوار محمد حسين شهيد نشانِ حيدر جو اڄ 54هونيومِ شهادت عقيدت سان ياد ڪيو پيو وڃي. آءِ ايس پي آر موجب هن موقعي تي چيف آف ڊي فنس فورسز فيلڊمارشل عاصم منير، ايئر چيف ۽ نيوي چيف طرفان سوار محمد حسين شهيد کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.آءِ ايس پي آر چيوته1971ع جي جنگ دوران ظفر وال، شڪرگڙهه سيڪٽر ۾ سوار محمد حسين شهيد غير معمولي بهادري ڏيکاري.دشمنجاڪيترائي ٽينڪ، سندس نشاندهي ۽ گن ڪرو جي رهنمائي سان تباهه ڪيا ويا. دشمن جي گولي لڳڻ سبب سوار محمد حسين شهيد وطن لاءِ جان جو نذرانوع پيش ڪيو.آءِ ايس پي آر مطابق سندن بهادري ايندڙ نسلن لاءِ مشعلِ راهه آهي. ملڪ جي تحفظ ۽ خودمختياري لاءِ ڪنهن به قيمت تي قرباني ڏيڻ جي عزم کي ٻيهر ورجايو ويو. قوم پنهنجي هن دلاور سپاهي کي سلام پيش ڪري ٿي، جنهن جي قربانيون ڪڏهن به وساري نه سگهبيون.ياد رهي ته 1971ع جي جنگ ۾ سوار محمد حسين جو بنيادي ڪم وائرليس تي حڪم وصول ڪري اڳتي موڪلڻ هو، پر محاذ تي ساٿين کي ڏسي پاڻ به دليرانه ڪارناما سرانجام ڏنا. 10 ڊسمبر تي دشمن جي گولين سندن سينو ڇلني ڪري ڇڏيو ۽ هو شهادت جي رتبى تي فائز ٿيو.نشانِ حيدر پاڪستان جو سڀ کان وڏو فوجي اعزاز آهي، جيڪو هاڻي تائين يارنهن بهادر جوانن کي ملي چڪو آهي. اهو اعزاز حضرت عليؓ جي لقب ‘حيدر’ جي نالي سان منسوب آهي، جن جي بهادري مثال بڻيل آهي. هي ان ئي سورمن کي ڏنو ويندو آهي، جيڪي ملڪ لاءِ جان قربان ڪن ٿا.

پنھنجي راءِ لکو