لاهور هاءِ ڪورٽ گهٽ ۾ گهٽ پگهار هزار ڊالر برابر ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار کي هزار آمريڪي ڊالر جي برابر مقرر ڪرڻ بابت آئينيدرخواست تي ٻڌڻي ٿي. چیف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ وڪيل فهميد نواز انصاري جي درخواست تي ٻڌڻي دورانريمارڪسڏيندي چيو ته رجسٽرار آفيس جو اعتراض درست آهي ۽ اهڙي نوعيت جي درخواست هاءِ ڪورٽ ۾ قابلِ سماعت ناهي.عدالت آئيني درخواست کي ناقابلِ سماعت قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته درخواست ۾ اهڙا به نڪتا موجود آهن جيڪي هتي چيلنج نٿا ڪري سگهجن. عدالت جو وڌيڪ چوڻ هو ته درخواست کي داخلِ دفتر ڪرڻ لاءِ مخصوصقانونيگهرجون پوريون ٿيڻ ضروري آهن.سماعت دوران وڪيل فهميد نواز انصاري جو موقف هو ته ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار هزار ڊالر جي برابر مقرر ڪئي وڃي، پر عدالت درخواست قانوني طور ناموزون قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏي. هن ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف سميت ٻين سرڪاري شخصيتن کي به فریق بڻايو ويو هو.

پنھنجي راءِ لکو