پشاور وزيراعليٰ خيبرپختونخوا سهيل آفريدي ايبٽ آباد ۾ ليڊي ڊاڪٽر ورڌه جي قتل جو نوٽيس وٺندي گڏيل جاچ ٽيم (جے آءِ ٽي) ٺاهڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي۔تفصيل موجب وزيراعليٰ چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته جے آءِ ٽي ۾ هڪ سينيئر سول آفيسر، سي ٽي ڊي جو اهلڪار ۽ ٻيا لاڳاپيل حڪام شامل ڪيا وڃن۔ جے آءِ ٽي موجود شواهد جي بنياد تي جاچ مڪمل ڪري جوابدارن کي قانون جي ڪٽهري ۾ آڻيندي۔سهيل آفريدي چيو آهي ته واقعو انتهائي حساس آهي ۽ ان جي هر پهلوءَ جي شفاف ڇنڊڇاڻ ضروري آهي ته جيئن مقتوله جي گهر وارن کي جلد انصاف ملي سگهي۔ٻئي پاسي وزير صحت خيبرپختونخوا خليق الرحمان ڊاڪٽر ورڌه جي گهر پهچي تعزيت ڪئي ۽ يقين ڏياريو ته جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني ويندي ۽ مقتوله جي وارثن طرفان لڳايل الزامَن جي مڪمل انڪوائري ڪئي ويندي۔ڊاڪٽر ورڌه جو قتل ايبٽ آباد ۾ شديد بيچيني ۽ غم غصو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جتي شهرين شفاف تحقيقات ۽ جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي۔ شهر ۾ احتجاجي مظاهرا به ٿيا جن ۾ مظاهرين قاتلن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائڻ جو مطالبو ڪيو۔پوليس موجب ڊاڪٽر ورڌه کي ٽن ڪروڙ رپيا ماليت جي سون جي لالچ ۾ سندس سهيلي رَدّا ۽ ساٿين قتل ڪيو۔مقتوله جي ڏير الزام لڳايو ته پوليس غفلت ڪئي، جيڪڏهن وقت سر ڪارروائي ڪئي وڃي ها ته ڊاڪٽر ورڌه جي جان بچي سگهي ٿي۔وارثن جو چوڻ آهي ته قتل کان اڳ جوابدارن جو رويو مشڪوڪ هو پر پوليس ان کي سنجيدگي سان نه ورتو۔
