بااثر زميندار جو ظلم روڄان جمالي ۾ کيت ۾ وڃڻ تي اوٺ جي ٽنگ ڪٽي وئي

بلوچستان جي علائقي روڄان جمالي ۾ انسانيت کي شرمائڻ وارو واقعو سامهون آيو آهي، جتي هڪ بااثر زميندار اوڇي حرڪت ڪندي هڪ بي زبان اوٺ جي ٽنگ ڪٽي ڇڏي.واقعي موجب اوٺ جو قصور رڳو اهو هو ته هو زميندار جيکيت ۾ داخل ٿي ويو هو۔ غصي ۾ اچي زميندار اوٺ کي هٽائڻ بدران ڪلهاڙيءَ سان وار ڪري ان جي ٽنگڪٽيڇڏي.تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد عوامي ردعمل سامهون آيو ۽ پوليس حرڪت ۾ اچي مقدمہ داخل ڪري جوابدار جي تلاش شروع ڪري ڇڏي آهي۔ياد رهي ته ان کان اڳ به سانگهڙ، حيدرآباد ۽ پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اوٺ، گدهن ۽ ٻين جانورن سان اهڙا ئي ظلم و زيادتي وارا واقعا ٿي چڪا آهن، پر مؤثر قانون سازي نه هئڻ سبب حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون پيون وڃن۔

پنھنجي راءِ لکو