سينيٽر فيصل واوڊا اڳوڻي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي ملندڙ 14 سال قيد بامشقت جي سزا بابت چيو آهي ته هي هڪ تاريخي ۽ صحيح فيصلو آهي، ۽ هاڻي ثابت ٿي ويو آهي ته قانون کان مٿانهون ڪو به نه آهي۔ اي آر وائي نيوز سان ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته هي هڪ وڏو ۽ تاريخي ڪيس هو، جيڪو مڪمل طور تي صحيح انجام تي پهتو آهي۔فيصل واوڊا جو چوڻ هو ته “سزا ۽ جزا جي نظام کان ڪو بالاتر ناهي، ڪو به پاڪستان کان وڏو ناهي، هاڻي ڪنهن کي شڪايت جو جواز نه ٿو بچي۔” هن چيو ته پاڪستان ۾ سزا ۽ جزا جو نظام هاڻي مضبوط ٿي چڪو آهي ۽ جيڪو به ملڪ کي نقصان پهچائيندو، ان لاءِ زمين تنگ ڪئي ويندي۔هن وڌيڪ چيو ته اهم اداري سزا ۽ جزا جو عمل پاڻ کان شروع ڪيو آهي ۽ فيض حميد ڪيترائي ڪم پنهنجي ڊومين کان ٻاهر ڪري چڪو هو، سياست به ڪئي ۽ بغاوت به، جنهن جي سزا کيس ملي آهي۔ فيصل واوڊا فیلڊ مارشل عاصم منير کي به ڪريڊٽ ڏنو ۽ چيو ته ملڪ ۾ اهو واضح پيغام پهچي ويو آهي ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي۔سينيٽر واوڊا چيو ته فيض حميد جيڪا تباهي آندي ۽ سياسي پشت پناهي مان فائدو ورتو، اڄ ان جو فيصلو ٿي ويو آهي، ۽ سندس نظر ۾ هي هڪ بهترين ۽ زبردست فيصلو آهي۔
