ميانمار جي مغربي رياست رخائن جي شهر مروڪ او ۾ فوج طرفان هڪ اسپتال تي رات دير سان فضائي بمباري ڪئي وئي، جنهن ۾ 31 ماڻهو مارجي ويا ۽ 68 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا۔ غير ملڪي ميڊيا موجب بمباري سبب اسپتالجو وڏو حصو تباهه ٿي ويو، جڏهنتہ ريسڪيو ٽيمون زخمين کي ملبे مان ڪڍي ٻين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪري رهيون آهن۔حڪام جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي زخمين جي حالت نازڪ هئڻ سبب هلاکتن ۾ اضافي جو خدشو موجود آهي۔عي کان پوءِ علائقي ۾ شديد خوف ۽ بيچيني ڇانيل آهي ۽ ڪيترائي شهري محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن۔ياد رهي ته 2021 جي فوجي بغاوت کان پوءِ ميانمار ۾ گهرو ويڙهه جاري آهي ۽ اڳ به ڪيترائي فضائي حملا ٿي چڪا آهن۔ ان کان اڳ ٻه اسڪول به فضائي حملي جو نشانو بڻيا هئا، جن ۾ ٻارن سميت 18 ڄڻا ماريا ويا هئا۔ميانمار فوج 28 ڊسمبر تي ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي۔
