آمريڪا ۾ موجود افغان شهرين بابت ڳڻتي جوڳو انڪشاف، لڳ ڀڳ 2 هزار دهشتگرد تنظيمن سان ڳنڍيل

آمريڪا ۾ موجود افغان شهرين بابت هڪ سنگين ۽ ڳڻتي جوڳو انڪشاف سامهون آيو آهي، جتي تقريبن 2 هزار افغان شهرين جي دهشتگرد تنظيمن سان سڌي يا امڪاني رابطن جو پتو پيو آهي۔ اها ڳالهه نيشنل انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر تلسي گيارڊ آمريڪي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ ظاهر ڪئي۔ هن بائيڊن انتظاميه جي دور ۾ آمريڪا آيل افغان شهرين جي اسڪريننگ عمل کي سست ۽ غير مؤثر قرار ڏيندي چيو ته آپريشن الائيز ويلڪم تحت 16 هزار افغان شهري آمريڪا پهتا، پر ان وقت جامع جانچ نه ڪئي وئي۔ تلسي گيارڊ موجب هاڻي سڀني افغان شهرين جي ٻيهر سخت جاچ جاري آهي ۽ شروعاتي رپورٽن مطابق تقريبن 2 هزار ماڻهن جا دهشتگرد تنظيمن سان لاڳاپا سامهون آيا آهن۔ هن خبردار ڪيو ته داعش ۽ ٻيون دهشتگرد تنظيمون آمريڪا کي نشانو بڻائڻ جون ڪوششون جاري رکيون ويٺيون آهن، جنهن سبب هن خطري کي انتهائي سنجيدگي سان ورتو پيو وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو