اسلام آباد: وفاقي حڪومت اعليٰ سرڪاري آفيسرن جا اثاثا آن لائن جمع ڪرائڻ ۽ شايع ڪرڻ جو نظام تيار ڪري ڇڏيو آهي. سال 2026 جي آخر تائين گريڊ 17 کان 22 تائين سڀ آفيسر پنهنجا گهريلو ۽ غيرملڪي اثاثا ويب سائيٽ تي عوام لاءِ دستياب ڪندا.وزارت خزانه جو چوڻ آهي ته وفاق ۽ صوبن جا سڀ سول آفيسر به پنهنجا اثاثا ڊجيٽل طور جمع ڪرائڻ لازمي هوندا. هن نظام ۾ پرائيويسي ۽ ڊيٽا پروٽيڪشن جا انتظام شامل آهن ۽ رسڪ بيسڊ ويريفڪيشن جو طريقو به متعارف ڪرايو ويندو.بينڪن کي اعليٰ سرڪاري آفيسرن جا اثاثا ڏسڻ جي اجازت ڏني ويندي، جيئن اينٽي مني لانڊرنگ جي تحت جانچ ٿي سگهي. بينڪ سرڪاري ادارن جي اهلڪارن جا اثاثا پڻ چيڪ ڪري سگهن ٿا.
