ايشيائي ترقياتي بينڪ (ADB) پاڪستان لاءِ مجموعي طور 54 ڪروڙ ڊالرن جي مالي مدد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي ڊي بي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب 40 ڪروڙ ڊالر رياستي ملڪيت وارن ادارن ۾ سڌارن لاءِ استعمال ڪيا ويندا، جڏهن ته 14 ڪروڙ ڊالر سنڌ جي سامونڊي علائقن جي بهتري لاءِ مختص ڪيا ويا آهن. هن رقم سان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي منصوبن کي نئين سر تعمير ۽ بهتر بڻايو ويندو. پڌرائي موجب انهن منصوبن مان سنڌ جي پنج لک کان وڌيڪ ماڻهو فائدو حاصل ڪندا، ڏيڍ لک هيڪٽر زرعي زمين محفوظ بڻائي ويندي، 22 هزار هيڪٽر ٻيلن جي بحالي ممڪن ٿيندي ۽ ماحولياتي توڙي خوراڪ جي تحفظ ۾ به نمايان بهتري ايندي.
