پشاور: جاچ اختيارين موجب ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي گذريل مهيني ٿيندڙ آپگهاتي حملي ڪندڙن جو تعلق پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم سان هو. حملي ڪندڙن پشاور ۾ ڪجهه ڏينهن قيام ڪري شهر جي رستن جي ڄاڻ حاصل ڪئي.جاچ اختيارين ٻڌايو ته آپگهاتي جيڪٽس ۽ رهائش جي فراهمي دوران بمبارن جي سهولتڪاري ڪئي وئي. هاڻي تائين 150 کان وڌيڪ ماڻهن کان جاچ ٿي چڪي آهي.گذريل حملو ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 5 زخمي ٿيا، جڏهن ته 3 حملي ڪندڙ مارجي ويا هئا.
