پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) مالي بحران جو شڪار ٿي وئي آهي، جنهن سبب پارٽي قيادت پارليامينٽ جي ارڪان کان مالي مدد گهرائي آهي. پي ٽي آءِ جي ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل فردوس شميم نقوي پاران پارٽي جي پارليامينٽريز کي خط لکي چيو ويو آهي ته پارٽي جي سرگرمين کي هلائڻ لاءِ هر پارليمنٽر پنهنجي پگهار جو 10 سيڪڙو پارٽي فنڊ ۾ جمع ڪرائيندو. خط موجب ايم اين ايز، سينيٽرز ۽ ايم پي ايز کي ماهوار 50 هزار روپيا فنڊ ۾ ڏيڻا هوندا. فردوس شميم نقوي خط ۾ واضح ڪيو ته پارٽي سرگرمين لاءِ هنگامي بنيادن تي رقم جي ضرورت آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته سڀني اسيمبلي ارڪان 72 ڪلاڪن اندر مطلوبه رقم جمع ڪرائيندا.
