پي ايس ايل 11: ٻن نون ٽيمن لاءِ نيلامي 22 ڊسمبر تي ٿيندي، پي سي بي

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي 11هين سيزن ۾ ٻن نون ٽيمن جي شموليت لاءِ نيلامي جي تاريخ ۾ هڪ هفتي جي واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد نيلامي هاڻي 22 ڊسمبر 2025 تي منعقد ڪئي ويندي. محسن نقوي موجب پي ايس ايل جي وڌندڙ عالمي مقبوليت کي نظر ۾ رکندي بڊنگ جي تاريخ وڌائي وئي آهي. پي سي بي موجوده ڇهن فرنچائزز جي قيمتن ۾ لڳ ڀڳ ٽي ڀيرا اضافو ڪيو آهي، جڏهن ته ٻن نون فرنچائزز لاءِ في سال هڪ ارب 30 ڪروڙ رپين جي قيمت مقرر ڪئي وئي آهي، ۽ هاڻي سڀ مالي معاملا پاڪستاني رپين ۾ طئي ڪيا ويا آهن. پي ايس ايل جي ٽيمن جو انگ اٺ ڪرڻ لاءِ راولپنڊي، فيصل آباد، سيالڪوٽ، حيدرآباد، مظفرآباد ۽ گلگت مان ٻه شهر چونڊيا ويندا.

پنھنجي راءِ لکو