ڪراچي: موسميات کاتي موجب ايندڙ هفتي کان ڪراچي ۾ گرمي پد گهٽجڻ جو امڪان آهي ۽ ٿڌ وڌي سگهي ٿي. صبح جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 13.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 30 ڊگري تائين پهچي سگهي ٿو. اتر مشرقي هوائن جي رفتار ۾ گهٽتائي ۽ نمي جو تناسب 78 سيڪڙو آهي.موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته اترين علائقن ۾ شديد ٿڌ ۽ برفباري متوقع آهي، جنهن سان زندگي جي نظام تي اثر پئجي سگهي ٿو. چترال، دير، سوات، گلگت بلتستان، ناران، ڪاغان، استور، اسڪردو، هنزه، چلاس ۽ غذر ۾ رستن بند ٿيڻ يا لينڊ سليڊنگ جو خطرو آهي. شهرين کي صلاح ڏني وئي آهي ته پهاڙي علائقن ۾ غير ضروري سفر کان پاسو ڪن ۽ قراقرم هاءِ وي تي احتياط ڪن.موسميات کاتي موجب 19 ڊسمبر کان ملڪ ۾ ٿڌ جي نئين لهر داخل ٿيندي، جنهن سان رات جو گرمي پد وڌيڪ گهٽجي سگهي ٿو ۽ شديد ٿڌ جو امڪان آهي. ڪجهه نچن علائقن ۾ ڌنڌ ۽ نظر جو به اثر ٿي سگهي ٿو.
