27هين ترميم ذريعي ججز کي سهولتڪار بڻائي غلط فيصلا ڪرائڻ جو الزام: زين شاهه

سندھ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) جي صدر سيد زين شاهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم ذريعي ججز کي سهولتڪار بڻائي انهن کان غلط فيصلا ڪرائڻ جا حڪمت عملي تحت ڪوششون جاري آهن.سندھ ايڪشن ڪميٽي پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر بدر چنا، نور نبي راھوجو، تاج مري ۽ ٻين پڻ موجود هئا. سيد زين شاهه چيو ته 28 نومبر تي تحريڪ تحفظ جو جلسو ٿيڻ وارو هو پر ان کي روڪيو ويو، جيڪو اسان جي جهموري حق جي خلاف آهي. 11 نومبر تي پوري سنڌ ۾ احتجاج ڪيا ويا، جن ۾ 26هين ۽ 27هين ترميمون، پيڪا ايڪٽ ۽ ٻين قانونن کي رد ڪيو ويو.هن الزام لڳايو ته دادو ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ميمبرن تي روڊ بلاڪ جو ڪوڙو مقدمات درج ڪيا ويا، جڏهن ته ان کان اڳ پڻ ٽي مقدمات قائم ڪيا ويا هئا. هن چيو ته ايگزيڪيٽو ۽ بيوروڪريسي عدليہ جو مذاق اڙي رهي آهي، ۽ اهڙيون تراميم وفاق ۽ صوبن جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڪيون ويون آهن.سيد زين شاهه چيو ته وڪيل ۽ تحريڪ تحفظ به انهن تراميم کي قبول نه ٿا ڪن، ۽ اسان به نه ٿا مڃون. هو مطالبو ڪيو ته 26هين ۽ 27هين ترميم کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته نون صوبن جي قيام جو نيشنل اسيمبلي کي ڪو به حق ناهي، ۽ سنڌ جي تاريخي حيثيت سان چھیڙڇاڙ ملڪ جي بنيادن کي نقصان پهچائي سگهي ٿي.هن وڌيڪ چيو ته شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو نون صوبن جي قيام جا سهولتڪار آهن ۽ ملڪ جي دشمنن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. هن مطالبو ڪيو ته عمران خان سميت سياسي قيدي آزاد ڪيا وڃن ۽ نيون شفاف چونڊون ڪرائجن.سيد زين شاهه خبردار ڪيو ته جيڪڏهن عوامي اجتماعات ۽ جلسن تي پابنديون برقرار رهيون ته انهن کي مجبوراً تحريڪن جو راستو اختيار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته کلچر ڊي کي ختم ڪرڻ لاءِ دفعه 144 نافذ ڪئي وئي آهي، جيڪا ثقافتي سڃاڻپ تي حملو آهي. هن خبردار ڪيو ته ملڪ کي جنگ جي طرف ڌڪيو پيو وڃي، ۽ مارشل لا جي صورت ۾ ملڪ کي ناقابل تلافی نقصان پهچندو.

پنھنجي راءِ لکو