آءِ ايم ايف بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ ۾ اضافي تي مطمئن، امداد وڌائڻ جي سفارش

بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) جي بجيٽ ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي ۽ بينظير کفالت پروگرام جي امداد ۾ وڌيڪ اضافي جي پڻ سفارش ڪئي آهي.آءِ ايم ايف جي مطابق بين الاقوامي معيار جي مقابلي ۾ بينظير کفالت پروگرام جي رقم گهٽ آهي، تنهنڪري سماجي تحفظ لاءِ پروگرام جي بجيٽ کي مضبوط ڪيو ويو آهي. صارفين جي خريداري جي قوت برقرار رکڻ لاءِ مراعات ۾ مناسب اضافو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته بينظير انڪم جي بجيٽ ۾ امدادي پروگرامن تي خرچن ۾ 20 سيڪڙو اضافو شامل آهي. ان جي نتيجي ۾ کفالت پروگرام تحت نقد امداد وڌي ويندي.غير مشروط نقد امداد جي رقم 13,500 روپين کان وڌائي 14,500 روپين ڪئي ويندي، جنهن سان کفالت پروگرام جي ڪوريج ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 لک خاندانن جو اضافو متوقع آهي. مالي سال 2026 جي آخر تائين مستفيد خاندانن جي تعداد 10.2 ملين تائين پهچي ويندي. 2026 ۾ نئين گهريلو سروي کان پوءِ کفالت پروگرام جي امداد ۾ وڌيڪ اضافو ٿيڻ گهرجي، ۽ فنڊ جي کفالت امداد گهٽ آمدني وارن طبقن جي خرچ جو 15 سيڪڙو تائين پهچائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.آءِ ايم ايف فنڊ جي کفالت پروگرام جي رقم ۾ مهانگائي جي مطابق ايڊجسٽمينٽ جاري رکڻ، ڪنڊيشنل ڪيش ٽرانسفر پروگرام جي ڪوريج ۾ واڌ، ۽ بينظير انڪم جي ڪنڊيشنل ڪيش ٽرانسفر بجيٽ جو مڪمل استعمال ڪرڻ جي به سفارش ڪئي آهي.

پنھنجي راءِ لکو