اين ڊي ايم اي جي اڳڪٿي: 13 کان 18 ڊسمبر دوران مٿانهين علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان

نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر اڳڪٿي ڪئي آهي ته 13 کان 18 ڊسمبر 2025 دوران ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي، جنهن حوالي سان ايڊوائزري جاري ڪئي وئي آهي. ايڊوائزري موجب مٿانهين خيبرپختونخواهه، ڪوهستان، گلگت بلتستان، آزاد جمون ۽ ڪشمير ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري متوقع آهي، جڏهن ته 13 کان 15 ڊسمبر دوران مغربي هوائون اتر ۽ اولهه پاڪستان تي اثرانداز ٿينديون. ميداني علائقن ۾ هلڪي کان وچولي برسات، جابلو ۽ مٿانهين علائقن ۾ برفباري، ڪوهيڙي جي شدت ۾ واڌ، ۽ برفباري سبب جابلو رستن تي ٽريفڪ متاثر ٿيڻ يا ڪجهه هنڌن تي روڊ بند ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 16 کان 18 ڊسمبر دوران برفباري ۾ گهٽتائي پر ٿڌ جي شدت برقرار رهڻ جو امڪان آهي. اين ڊي ايم اي سياحن ۽ مسافرن کي جابلو علائقن ڏانهن غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ ۽ مقامي انتظاميه جي هدايتن تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته لاڳاپيل ادارن کي امڪاني موسمي صورتحال بابت اڳواٽ آگاهي فراهم ڪئي پئي وڃي.

پنھنجي راءِ لکو