وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته هڪ ملاقات دوران اڳوڻي آرمي چيف جنرل(ر) قمر جاويد باجوه اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد کي چيو ته رانا تمام گهڻو ٿلهو ٿي ويو آهي ۽ انهي کي ٻيهر اسمارت بڻايو وڃي.راڻا ثناءُالله هڪ انٽرويو دوران دعويٰ ڪئي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جي دور ۾ معاملا فيض حميد، جنرل(ر) باجوه ۽ عمران خان جي مرضي سان هلي رهيا هئا. هن چيو ته ائين ٿي نٿو سگهي ته ڪو حاضر سروس آفيسر آرمي چيف جي مرضي کان سواءِ ڪوڙو ڪيس ٺاهي ۽ ٻئي ڏينهن انهي جو ڪورٽ مارشل نه ٿئي.راڻا ثناءُالله چيو ته هڪ بريفنگ دوران جنرل باجوه ۽ فيض حميد سان ڳالهيون ٿيون، جتي جنرل باجوه چيو ته رانا گهڻو ٿلهو ٿي ويو آهي، جيل ۾ تمام گهڻو اسمارٽ هو، فيض، رانا صاحب کي ٻيهر اسمارت بڻايو. انهي تي راڻا ثناءُالله چيو ته مون تي ڪيس اوهان ئي ٺاهيو، الله هن دنيا ۾ انهي جو حساب ضرور وٺندو.هن وڌيڪ چيو ته معاملا فيض حميد، جنرل باجوه ۽ عمران خان جي مرضي سان هلي رهيا هئا ۽ ائين نٿو ٿي سگهي ته ڪو حاضر سروس آفيسر آرمي چيف جي مرضي کان سواءِ ڪوڙو ڪيس ٺاهي ۽ ٻئي ڏينهن انهي جو ڪورٽ مارشل نه ٿئي.
