پنجاب جي شهر سرائے مغل جي ڏوراهين علائقي هيڊ بلوڪي تي موٽر سائيڪل ۽ ڪار جي ٽڪر سبب چار دوست فو ٿي ويا، جڏهن ته ٻه زخمي ٿيا. ريسڪيو ترجمان موجب، چارهي دوست موٽر سائيڪل تي هيڊ بلوڪي کان پهول نگر وڃي رهيا هئا ته سامهون ايندڙ تيز رفتار ڪار سان ٽڪر ٿي ويو. ٽڪر کان پوءِ موٽر سائيڪل ٻي موٽر سائيڪل سان به ٽڪرائي وئي، جنهن سبب ٻه ڄڻا زخمي ٿيپوليس موجب فوتين ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ فوتين جا لاش وارثن کي حوالي ڪيا ويا. فوت ٿيلن جي سڃاڻپ 19 ورهين جو وسيم، 22 ورهين جو علي حسن، 17 ورهين جو حسنين ۽ 20 ورهين جي عمر سان ڪئي وئي.گهرڀاتين موجب، چارهي دوست پاڻ ۾ گهرا هئا. زخمين ۾ 40 ورهين جو نياز ۽ 35 ورهين جو خالد شامل آهن.
