عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف پاڪستان جي ڪسٽمز اسٽرڪچر کي پيچيده ۽ ناقص قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ لاڳو درآمدي ٽيئرف علائقي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻا آهن، جيڪي برآمدات ۾ گهٽتائي جو وڏو سبب بڻجي رهيا آهن۔اي آر وائي نيوز موجب آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان جون تجارتي پاليسيونڳرن۽پيچيدهٽيئرفاسٽرڪچر ذريعي مقامي شين کي تحفظ ڏئي رهيون آهن، پر هن نظام جو فائدو رڳو چند سيڪٽرن ۽ وڏين ڪمپنينتائين محدود آهي۔آءِ ايم ايف مطابق گذريل ڏهاڪن دوران ڪسٽمز ڊيوٽيز ۾ تدريجي گهٽتائي جا منفي اثر سامهون آيا، جڏهن ته بعد ۾ ريگيوليٽري ڊيوٽيز ۾ بي تحاشا اضافي سان پاليسي غير اثرائتي ٿي وئي۔ مالي سال 2025 ۾ پاڪستانجامجموعي ٽيئرف علائقي جي ٻين ملڪن کان تمام گهڻا رهيا، جنهن سبب برآمدات ۾ گهٽتائي ۽ وسيلن جو غلط استعمال ٿيو۔رپورٽ موجب پاڪستان ۾ آٽو سيڪٽر، زراعت ۽ فوڊ سيڪٽر تي سڀ کان وڌيڪ درآمدي ٽيئرف لاڳو آهن جڏهن ته آٽو سيڪٽر تي 150 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيئرف لاڳو آهي۔آءِ ايم ايف جي اعتراضن کانپوءِ پاڪستان نيشل ٽيئرف پاليسي 2025-30 تحت سڌارن جي يقيندهاني ڪرائي آهي۔ دستاويز موجب 5 سالن جي ٽيئرف پاليسي تحت ڪسٽمز ڊيوٽيز ۾ تدريجي گهٽتائي، ڊيوٽي سليبس کي 5 مان گهٽائي 4 ڪرڻ ۽ وڌ ۾ وڌ شرح 15 سيڪڙو تائين محدود رکڻ جو منصوبو شامل آهي۔ان کان علاوه اضافي ڪسٽمز ڊيوٽيز ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽيز کي مرحليوار ختم ڪيو ويندو جڏهن ته پنجين شيڊول تحت خاص ڊيوٽيز مالي سال 2030 تائين ختم ڪرڻ به حڪومتي پلان جو حصو آهي۔ نيشل ٽيئرف پاليسي تي مڪمل عملدرآمد سان اوسط ٽيئرف تقريبن اڌ رهجي وڃڻ ۽ 10.7 سيڪڙو مان گهٽجي 5.3 يا 6.7 سيڪڙو تائين اچڻ جو امڪان آهي۔
