اي آر وائي نيوز موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شوکت يوسف زئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي تهملڪ هن وقت شديد بحران مان گذري رهيو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ کي پڻ مختلف مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجيرهيوآهي هن چيو ته ڳالهه ٻولهه هر ڪنهن سان ٿيڻ گهرجي ۽ حڪومت کي بئڪ فٽ تي وڃي تحريڪ انصاف سان مفاهمتجو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي۔شوکت يوسف زئي چيو ته باني پي ٽي آءِ عمران خان سان ملاقاتن تي پابنديون نه هئڻ گهرجن۔ هن جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر ۽ سلمان اڪرم راجا هميشه مفاهمتي لهجي ۾ ڳالهائين ٿا پر جلسن دوران ڪڏهن ڪڏهن سخت بيان اچي وڃن ٿا۔هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ کي درپيش مسئلا سڀني جي سامهون آهن ۽ پارٽي کي مستقبل جي حڪمت عملي بابت سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي۔ شوکت يوسف زئي شهباز شريف حڪومت کي ناڪام قرار ڏيندي چيو ته معاشي بحران اڃا تائين ختم ناهي ٿيو۔هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف جي قسط نه ملي ته ملڪ اڳتي نه وڌي سگهندو۔ سيڙپڪار ملڪ ڇڏي رهيا آهن ۽ رڳو قرضن تي ملڪ نٿو هلي سگهي۔
