نئين سال جي شروعات کان اڳ وفاقي حڪومت مسيحي برادري سان تعلق رکندڙ سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرز لاءِ اهم ۽ خوش آئند فيصلو ڪيو آهي. حڪومت ڪرسمس جي موقعي تي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ڊسمبر مهيني جي پگهار ۽ پينشن ايڊوانس ۾ ادا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي۔ميڊيا رپورٽن موجب وفاقي حڪومت جي فيصلي تحت سڀني مسيحي وفاقي ملازمن ۽ پينشنرز کي 22 ڊسمبر تي پگهار ۽ پينشن جاري ڪئي ويندي، جيئن اهي پنهنجو مذهبي عيد ڪرسمس سڪون ۽ خوشي سان ملهائي سگهن۔ان حوالي سان وفاقي وزارت خزانه ڪنٽرولر جنرل آف اڪائونٽس ڏانهن باقاعده خط به موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ لاڳاپيل ادارن کي ادائيگين جا انتظام مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن۔واضح رهي ته پاڪستان ۾ 25 ڊسمبر تي باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جي موقعي تي عام موڪل هوندي آهي، جڏهن ته مسيحي برادري کي ڪرسمس جي موقعي تي 25 ۽ 26 ڊسمبر تي ٻه ڏينهن جون موڪلون ڏنيون وينديون آهن۔
