اقوام متحده پاڪ ڀارت جنگ 2025 بابت تفصيلي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي موقف ۽ بيانيي جي مڪمل تصديق ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت طرفان پاڪستان جي حدن اندر طاقت جو استعمال اقوام متحده جي چارٽر جي کلي ڀڃڪڙي آهي اقوام متحده جي خاص ماهرن موجب 7 مئي 2025 تي ڀارت “آپريشن سندور” جي نالي ۾ پاڪستان جي سرزمين اندر فوجي ڪارروائي ڪئي. ان ڏينهن پاڪستان ان عمل جي سخت مذمت ڪئي ۽ سلامتي ڪائونسل کي آگاهه ڪيو ته هو اقوام متحده جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت پنهنجي دفاع جو حق محفوظ رکي ٿو۔
پورٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ڀارت جو رويو بين الاقوامي قانونن جي ابتڙ آهي. ڀارتي اصطلاح “هيلڊ ان ابينس” کي پڻ مبهم قرار ڏنو ويو آهي، جنهن سبب پاڻي، خوراڪ، صحت، روزگار، ماحول ۽ ترقي سان لاڳاپيل بنيادي انساني حق سڌي طرح متاثر ٿين ٿا۔اقوام متحده ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدو هڪ طرفي طور معطل ڪرڻ کي غير قانوني ۽ غير ذميوار قدم قرار ڏنو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سرحد پار پاڻي جي حقن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ لازمي آهي ۽ پاڻي کي سياسي يا معاشي دٻاءُ لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي۔رپورٽ موجب پاڻي روڪڻ جو بار سڌو سنئون عام پاڪستاني شهرين تي پوي ٿو، جڏهن ته ڪائونٽر ميژرز به بنيادي انساني حقن بابت ذميوارين کان ڇوٽ نٿا ڏين. اقوام متحده زور ڏنو آهي ته سڀ تڪرار ۽ اختلاف معاهدي ۾ طئي ڪيل تصفيه جي طريقيڪار تحت ئي حل ٿيڻ گهرجن
