پي آءِ اي جي نيلامي جي نئين تاريخ جو اعلان حڪومت جون تياريون جاري وڏو ڪنسورشيم ميدان ۾

پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز (پي آءِ اي) جي نيلامي بابت نئين تاريخ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت پاران نيلامي واري عمل لاءِ تياريون مڪمل ڪيون پيون وڃن۔ذريعن موجب قومي هوائي ڪمپني پي آءِ اي جي نيلامي 23 ڊسمبر تي ٿيندي، جنهن ۾ نجي شعبي جا وڏا سيڙپڪار حصو وٺندا۔ نيلامي جي عمل کي شفاف بڻائڻ لاءِ حڪومت مختلف انتظامي قدم کنيا آهن۔پي آءِ اي جي نيلامي ۾ حصو وٺڻ لاءِ پاڪستان جو هڪ وڏو ڪنسورشيم سامهون آيو آهي، جنهن ۾ پنج وڏا گروپ شامل آهن۔ هن ڪنسورشيم ۾ ڪراچي مان اي ڪي ڊي سيڪيورٽيز ۽ عارف حبيب گروپ، جڏهن ته پنجاب مان ليڪ سٽي، فاطمه گروپ ۽ سٽي اسڪول شامل آهن، جيڪي 23 ڊسمبر تي ٿيندڙ بولي ۾ حصو وٺندا۔حڪومت پي آءِ اي جي بولي جي قيمت طئي ڪرڻ لاءِ هڪ آمريڪي ايوي ایشن ڪنسلٽنٽ ڪمپني کي پاڪستان گهرايو آهي، جيڪا عالمي سطح تي هزارين هوائي جهازن کي ڪنسلٽنسي سهولتون فراهم ڪري ٿي۔ اختيارين موجب ان قدم سان نيلامي جو عمل وڌيڪ شفاف بڻجندو۔

پنھنجي راءِ لکو