ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ لاڳاپن کي تاريخي ۽ ڀائراڻا قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ترڪيه جو سچو ۽ کهرو اتحادي آهي، ۽ ٻنهي ملڪن جي دوستي قيامت تائين قائم رهندي. بحري پليٽ فارمز جي شموليت بابت هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ترڪ صدر چيو ته مڪمل ڪامياب آزمائشن کان پوءِ جديد جنگي جهاز پي اين ايس خيبر پاڪستان بحريه جي حوالي ڪيو پيو وڃي، جيڪو ٻنهي ملڪن جي دفاعي سهڪار جو واضح ثبوت آهي. صدر اردوان ٻڌايو ته پاڪستان بحريه جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي چار جديد ملگيم ڪلاس بحري جهازن جي تعمير بابت معاهدو ڪيو ويو هو، جنهن تي ڪاميابي سان عمل ڪيو پيو وڃي. هن موجب پهريون جهاز پي اين ايس بابر 24 مئي 2024 تي پاڪستان بحريه حوالي ڪيو ويو. ترڪ صدر وڌيڪ چيو ته ٽيون جهاز پي اين ايس بدر جون 2026 جي آخر تائين جڏهن ته چوٿون جهاز پي اين ايس طارق 2027 جي پهرين ٽن مهينن دوران پاڪستان بحريه حوالي ڪيو ويندو. هنن جهازن جي تياري جديد ٽيڪنالاجي سان ڪئي وئي آهي، جيڪا پاڪستان بحريه جي دفاعي صلاحيتن ۾ نمايان اضافو آڻيندي. خطاب جي اختتام تي صدر اردوان هڪ دفعو ٻيهر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا ناقابل شڪست آهن، جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿيندا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي دوستي مستقبل ۾ به ساڳي جذبي سان اڳتي وڌندي رهندي.

ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ لاڳاپن کي تاريخي ۽ ڀائراڻا قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ترڪيه جو سچو ۽ کهرو اتحادي آهي، ۽ ٻنهي ملڪن جي دوستي قيامت تائين قائم رهندي.

بحري پليٽ فارمز جي شموليت بابت هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ترڪ صدر چيو ته مڪمل ڪامياب آزمائشن کان پوءِ جديد جنگي جهاز پي اين ايس خيبر پاڪستان بحريه جي حوالي ڪيو پيو وڃي، جيڪو ٻنهي ملڪن جي دفاعي سهڪار جو واضح ثبوت آهي.

صدر اردوان ٻڌايو ته پاڪستان بحريه جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي چار جديد ملگيم ڪلاس بحري جهازن جي تعمير بابت معاهدو ڪيو ويو هو، جنهن تي ڪاميابي سان عمل ڪيو پيو وڃي. هن موجب پهريون جهاز پي اين ايس بابر 24 مئي 2024 تي پاڪستان بحريه حوالي ڪيو ويو.

ترڪ صدر وڌيڪ چيو ته ٽيون جهاز پي اين ايس بدر جون 2026 جي آخر تائين جڏهن ته چوٿون جهاز پي اين ايس طارق 2027 جي پهرين ٽن مهينن دوران پاڪستان بحريه حوالي ڪيو ويندو. هنن جهازن جي تياري جديد ٽيڪنالاجي سان ڪئي وئي آهي، جيڪا پاڪستان بحريه جي دفاعي صلاحيتن ۾ نمايان اضافو آڻيندي.

خطاب جي اختتام تي صدر اردوان هڪ دفعو ٻيهر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا ناقابل شڪست آهن، جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿيندا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي دوستي مستقبل ۾ به ساڳي جذبي سان اڳتي وڌندي رهندي.

پنھنجي راءِ لکو