صدرِ مملكت آصف علي زرداري عراق جي چار ڏينهن واري سرڪاري دوري تي بغداد پهتل آهي، جتي هن مقدس زيارتن تي حاضري ڀري۔ صدر زرداري ڪاظميه مقدسہ ۾ امام موسيٰ الڪاظمؑ ۽ امام محمد التقيٰ الجوادؑ جي روضن تي حاضري ڏئي فاتحه خواني ڪئي۔صدر مملكت حضرت شيخ عبدالقادر جيلانيؒ ۽ امام اعظم ابو حنيفهؒ جي مزار تي به حاضري ڀري۔ ان موقعي تي هن امتِ مسلمه جي امن، اتحاد ۽ سلامتي لاءِ دعا گهري ۽ روضه ڪاظميه ۾ زائرين جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا۔صدر زرداري چيو ته آئمه اهلِ بيتؑ جون تعليمات علم، صبر، حڪمت ۽ اخلاقي طاقت جو دائمي سرچشمو آهن، جن مان رهنمائي حاصل ڪري سماج ۾ امن ۽ برداشت کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو۔ صدر مملكت مزارات جي منتظمين ۽ مبلغين سان پڻ ملاقاتون ڪيون
واضح رهي ته بغداد پهچڻ تي عراقي عملدارن صدر مملكت جو شاندار استقبال ڪيو۔ عراق جي وزير ثقافت ۽ سياحت پروفيسر ڊاڪٽر احمد، عراق ۾ پاڪستاني سفير محمد ذيشان احمد ۽ ٻين سينيئر عملدارن صدر زرداري کي ڀليڪار چيو۔چار ڏينهن واري دوري دوران صدر مملكت جون اعليٰ عراقي قيادت سان ملاقاتون متوقع آهن، جن ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون وينديون۔ صدر جو هي دورو پاڪستان ۽ عراق جي ڀائرانه لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو۔
