آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان پاليسي ۾ حيرت انگيز تبديلي کان پوءِ واشنگٽن جو “انڊيا فرسٽ” دور ختم ٿي ويو آهي ۽ پاڪستان کي ترجيح ملي آهي۔ آمريڪي اخبار واشنگٽن ٽائمز جي آرٽيڪل موجب 2025 پاڪ-آمريڪا لاڳاپن لاءِ انقلابي سال ثابت ٿيو آهي۔آرٽيڪل ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي پاليسي ۾ تبديلي جو بنياد مئي مهيني ۾ ٿيل پاڪ-ڀارت جنگ آهي۔ رپورٽ ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ آمريڪي صدر جي لاڳاپن جو خاص جائزو پڻ شامل آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي تيز رفتاري سان بهتر ٿيندڙ عالمي تصوير کي ناياب واقعو قرار ڏنو ويو آهي۔واشنگٽن ٽائمز موجب پاڪستان هاڻي مريڪا لاءِ ناپسنديده رياست نه رهيو، پر هڪ اهم شراڪت دار ملڪ بڻجي چڪو آهي۔ آرٽيڪل ۾ چيو ويو آهي ته ٽرمپ جي ڏکڻ ايشيا پاليسي ۾ پاڪستاني مرڪزي حيثيت حاصل ٿي وئي آهي، جڏهن ته شروعات ۾ ڀارت کي ڪواڊ ۽ ٻين فورمن وسيلي بالادست بڻائڻ جي ڪوشش هئي۔رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڀارتي سياست، شخصي آزادين تي پابنديون، غير يڪسان فوجي ڪارڪردگي ۽ سخت سفارتي رويو ڀارت کي علائقائي استحڪام لاءِ ڪي بڻائي ڇڏيو۔ ان جي ابتڙ پاڪستان جي منظم ملٽري پرفارمنس ۽ اسٽرٽيجڪ فوڪس آمريڪا کي متاثر ڪيو۔ٻئي پاسي واشنگٽن پوسٽ لکي ٿو ته هشتگردي خلاف خفيه ڄاڻ جي ڏي وٺ سان پاڪ-آمريڪا لاڳاپن ۾ پهريون پگهلاوُ آيو۔ مارچ ۾ ٽرمپ پاران پاڪستان جي تعريف کان پوءِ پاليسي جو رخ بدلجي ويو ۽ لاڳاپا ٽرانزيڪشنل مان اسٽرٽيجڪ بڻجندا ويا۔آرٽيڪل موجب پاڪ-ڀارت مختصر پر شديد جهيڙي لاڳاپن ۾ فيصلائتو موڙ آندو۔ مئي جي جنگ کان پوءِ پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا ويزن جو اينڪر قرار ڏنو ويو، ملٽري ماڊرنائيزيشن ۽ ڪمانڊ اسٽرڪچر ۾ تبديليون عالمي اهميت اختيار ڪري ويون، جڏهن ته فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت کي ساراهيو ويو۔
