سال 2026 جي شروعات سان ئي پاڪستان لاءِ سٺي خبر سامهون آئي آهي، جتي ڪوهاٽ ۾ تيل ۽ گيس جا نوان وڏا ذخيرا دريافت ڪيا ويا آهن جيڪي ملڪ جي معيشت لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنا پيا وڃن۔ نئين سال جي شروعات کان ڪجهه ڪلاڪن بعد ئي توانائي شعبي مان مثبت خبر ملي آهي۔ او جي ڊي سي ايل جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪوهاٽ جي نشپا بلاڪ مان تيل ۽ گيس جا ذخيرا دريافت ٿيا آهن پڌرائي مطابق براگزئي ايڪس-1 کوهه ۾ 5170 ميٽر تائين کوٽائي ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ روزانو 4100 بيرل تيل ۽ 10.5 ملين مڪعب فٽ گيس جي پيداوار حاصل ٿي آهيماهرن جو چوڻ آهي ته هن اهم دريافت سان ملڪ ۾ توانائي جي بحران کي گهٽائڻ ۽ ٻاهرين ايندھن تي ڀاڙ گهٽائڻ ۾ مدد ملندي جڏهن ته قومي معيشت کي پڻ فائدو پهچندو۔
