برطانيا خلا ۾ فئڪٽري قائم ڪري ڇڏي سيمِي ڪنڊڪٽرز جي تياري جو نئون دور

جڏهن دنيا جا ڪيترائي ملڪ خلا ۾ نون جهانن ۽ زندگي جي امڪانن جي ڳولا ۾ مصروف آهن، تڏهن برطانيا هڪ قدم اڳتي وڌائيندي خلا ۾ باقاعده فئڪٽري قائم ڪري ڇڏي آهي جتي زمين کان سوين ڪلوميٽر مٿي پيداوار شروع ٿي چڪي آهي۔پرڏيهي ميڊيا موجب برطانيا جي شهر ڪارڊف ۾ قائم ڪمپني اسپيس فورج (Space Forge) مائيڪروويو اوون جي سائيز جي هڪ مني فئڪٽري خلا جي مدار ۾ موڪلي آهي، جيڪا ڪاميابي سان پنهنجي شروعاتي مرحلن کي مڪمل ڪري چڪي آهي۔ڪمپني نه رڳو هن خلائي فئڪٽري کي مدار ۾ موڪليو، پر ان جي ڀٽي کي فعال ڪري هزار ڊگري سينٽي گريڊ تائين گرمي حاصل ڪرڻ جو ڪامياب تجربو پڻ ڪيو آهي۔اڳتي هلي اسپيس فورج جو منصوبو آهي ته خلا ۾ سيمِي ڪنڊڪٽرز ٺاهڻ لاءِ خاص مواد تيار ڪيو وڃي، جيڪو پوءِ زمين تي آڻي اليڪٽرانڪس، مواصلاتي نظام، ڪمپيوٽنگ، 5G ٽيڪنالاجي ۽ ٽرانسپورٽ ۾ استعمال ڪيو ويندو ماهرن موجب خلا جي بي وزني ۽ ويڪيوم جهڙيون حالتون سيمِي ڪنڊڪٽرز جي تياري لاءِ انتهائي موزون آهن، ڇو ته انهن حالتن ۾ ايٽمز بلڪل درست ترتيب سان جڙن ٿا ۽ آلودگي جو خطرو نه هئڻ برابر هوندو آهي۔ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو جوش ويسٽرن موجب خلا ۾ تيار ڪيل سيمِي ڪنڊڪٽرز زمين تي تيار ٿيندڙن جي ڀيٽ ۾ چار هزار ڀيرا وڌيڪ خالص ٿي سگهن ٿا، جيڪي 5G ٽاورز، اليڪٽرڪ گاڏين جي چارجرز ۽ جديد جهازن ۾ استعمال لائق هوندا۔هن ڪامياب تجربي کان پوءِ اسپيس فورج هاڻي هڪ وڏي خلائي فئڪٽري ٺاهڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي، جيڪا هڪ وقت ۾ 10 هزار چپس لاءِ سيمِي ڪنڊڪٽر مواد تيار ڪرڻ جي صلاحيت رکندي۔واضح رهي ته اسپيس فورج جي هي مني فئڪٽري گذريل اونهاري ۾ اسپيس ايڪس جي راڪيٽ ذريعي خلا ۾ موڪلي وئي هئي، جنهن کان پوءِ ڪارڊف ۾ قائم مشن ڪنٽرول مان ان جي نظامن جي نگراني ڪئي پئي وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو