انڊونيشيا ۾ سخت برساتن کان پوءِ تباهه ڪندڙ ٻوڏ 14 ڄڻا فوت 4 لاپتا

انڊونيشيا جي صوبي اتر سولاويسي ۾ سخت برساتن کان پوءِ آيل ٻوڏ سبب 14 ڄڻا وهڪري ۾ وهي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 18 ڄڻا زخمي ۽ 4 لاپتا ٿي ويا آهن۔بين الاقوامي خبر رساں ادارن موجب متاثر علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال اڃا به سنگين آهي ۽ لاپتا ماڻهن جي ڳولا جاري آهي۔اتر سولاويسي جي گورنر موجب ٻوڏ سبب سوين گهر ۽ ڪيترين ئي سرڪاري عمارتن کي سخت نقصان پهتو آهي۔ريسكيو اختيارين ٻڌايو ته هاڻي تائين 444 ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون ويون آهن۔انڊونيشيا جي موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته جنوري ۽ فيبروري دوران ملڪ جي ڪيترن ئي ٻيٽن، خاص طور جاوا، سولاويسي، مالوڪو ۽ پاپوا ۾ وڌيڪ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ جو خطرو موجود آهي۔شهرين کي احتياطي قدم کڻڻ ۽ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو