بگلا ينش جي بيمان ايئرلائن جون ڪراچي لاءِ سڌيون پروازون بحال پهرين پرواز 29 جنوري تي رواني ٿيندي

پاڪستان ۽ بنگلا ديش جي وچ ۾ سڌي فضائي رابطي جي بحالي طرف اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. بنگلا ديش جي قومي ايئرلائن بيمان بنگلا ديش ايئرلائن ڪراچي لاءِ سڌين پروازن جو باقاعده شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي۔ايئرلائن پهرين سڌي پرواز 29 جنوري تي ڍاڪا کان ڪراچي رواني ٿيندي جڏهن ته ڍاڪا ۽ ڪراچي جي وچ ۾ هفتي ۾ ٻه پروازون هلائيون وينديون۔بيمان ايئرلائن طرفان پروازن لاءِ سيٽن جي بڪنگ به شروع ڪئي وئي، ۽ بڪنگ کُلندي ئي پهرين پرواز جون سڀئي سيٽون ڪجهه ڪلاڪن اندر وڪرو ٿي ويون، جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفر جي وڏي طلب جو ثبوت آهي۔ ته سڌي فضائي رابطي جي بحالي سان پاڪستان ۽ بنگلا ديش جي وچ ۾ واپاري، ڪاروباري ۽ عوامي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا جڏهن ته مسافرن کي گهٽ وقت ۾ آسان سفر جي سهولت ملندي۔ ماهرن موجب هن قدم سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ بهتري ايندي ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ نوان موقعا پيدا ٿيندا۔

پنھنجي راءِ لکو