وينزويلا ۾ آمريڪي حملو 100 ماڻهو مارجي ويا وزير داخله تصديق ڪري ڇڏيو

وينزويلا جي وزير داخله ڊيواسدادو ڪيبيو بدھ تي تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا جي هڪ حملي ۾ 100 ماڻهو مارجي ويا، جنهن ۾ صدر نيڪولس مادورو کي اقتدار مان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.وزير داخله موجب صدر مادورو جو پير زخمي ٿيو جڏهن ته انهن جي زال سيليا فلورس کي مٿي ۾ چوٹ لڳي ڪاراڪاس حڪومت اڳ ۾ هلاڪ شدگان جي صحيح تعداد نه ٻڌائي هئي، جڏهن ته ڪيوبا پنهنجي 32 فوجي ۽ انٽيليجنس اهلڪار جي موت جي فهرست جاري ڪئي هئي۔وينزويلا ۽ ڪيوبا جي اختيارين موجب ٻنهي ملڪن جا گڏيل طور تي 55 فوجي اهلڪار مارجي ويا، ۽ مادورو جي حفاظتي دستي جا ڪيترائي ارڪان ”بے رحم طريقي سان ماريا ويا“. هي حملو وينزويلا ۾ سياسي تڪرار ۽ عالمي توجه جو سبب بڻيو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو