پاڪستان تحريڪ انصاف ()پي ٽي آءِ جو آچر 11 جنوري تي ڪراچي جي باغ جناح ۾ رٿيل جلسو غير يقيني صورتحال جو شڪار ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻتہ ضلعي انتظاميه طرفان اڃا تائين اين او سي جاري ناهي ڪيو ويو۔
وزيراعليٰ خيبر پختونخوا سهيل آفريدي جي دوري دوران باغ جناح ۾ جلسي کي شيڊول ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ پي ٽي آءِ اڳ ئي درخواست جمع ڪرائي آهي، پر اسسٽنٽ ڪمشنر ڪراچي طرفان اين او سي جاري نه ڪيو ويو آهي۔
پي ٽي آءِ ڪراچي جي صدر راجا اظھر جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت زباني طور اجازت ڏئي ڇڏي آهي، پر لکت ۾ اين او سي نه ملڻ سبب انتظامن ۾ مسئلا درپيش آهن۔ هن چيو ته جلسي لاءِ اڄ ٽن وڳي تائين اين او سي ملڻ ضروري آهي، ڇوتہ ان کان پوءِ مزار قائد انتظاميه کي چالان جمع ڪرائڻو پوندو۔
راجا اظھر موجب مزار قائد انتظاميه اين او سي سان گڏ 25 لک رپين جو پے آرڊر طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ 20 لک رپيا چالان ۽ 5 لک رپيا سيڪيورٽي ڊيپازٽ شامل آهن۔ هن الزام لڳايو ته ضلعي انتظاميه فون به نه پئي کڻي۔
واضح رهي ته وزيراعليٰ ڪي پي سهيل آفريدي چار ڏينهن جي دوري تي پنهنجي ڪابينا ميمبرن ۽ پارليامينٽرين سان گڏ ڪراچي پهچي چڪو آهي، جڏهن ته سندس اڏام ۾ ڪافي دير ٿي، جنهن جو الزام انتظاميه تي هنيو ويو آهي۔
