ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنہ اي اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته جيڪي حڪمران غرور ۽ تڪبر سان دنيا تي حڪم هلائين ٿا، تاريخ ۾ انهن جو انجام هميشه عبرتناڪ رهيو آهي۔جمعي جي خطاب دوران آيت الله خامنہ اي فرعون، نمرود ۽ ايران جي اڳوڻي بادشاهه رضا پهلوي جا مثال ڏيندي چيو ته ظالم حڪمران پنهنجي عروج دوران ئي زوال جو شڪار ٿيندا آهن، ۽ ڊونلڊ ٽرمپ به پنهنجي انجام کان بچي نه سگهندو۔ايراني اڳواڻ آمريڪي قدمن کي خطي ۾ مداخلت ۽ وسيلن تي قبضي جي ڪوشش قرار ڏيندي چيو ته ٽرمپ انتظاميه لاطيني آمريڪا جي هڪ ملڪ کي پنهنجي اثر هيٺ رکيو، جتي ڪارروائين جو مقصد تيل حاصل ڪرڻ هو۔آيت الله خامنہ اي 12 ڏينهن واري جنگ جو حوالو ڏيندي چيو ته ان دوران هڪ هزار کان وڌيڪ ايراني شهري شهيد ٿيا، ۽ انهن حملن جو حڪم پاڻ ڊونلڊ ٽرمپ ڏنو هو۔ هن سوال ڪيو ته جيڪو ايراني عوام جي قتل جو ذميوار هجي، اهو قوم جو حامي ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ايراني سپريم ليڊر تازن مظاهرن بابت ڳالهائيندي مظاهرين کي فسادي قرار ڏنو ۽ عوام کي اتحاد قائم رکڻ جي اپيل ڪئي۔ هن چيو ته آمريڪي صدر کي خوش ڪرڻ لاءِ فسادي عنصرن پنهنجي ئي عمارتن کي نقصان پهچايو، پر ايران ڪڏهن به تخريبڪارن اڳيان نه جهڪندو۔هن وڌيڪ چيو ته اسلامي جمهوريه ايران لکين قربانين کانپوءِ قائم ٿيو آهي ۽ دشمنين ۽ دٻاءَ باوجود ايران پنهنجي موقف تي ثابت قدم رهندو۔
