زيليئنسڪي ايران جي احتجاجن کي عوامي بغاوت قرار ڏئي ڇڏيو

يوڪرين جي صدر ولودومير زيليئنسڪي ايران ۾ جاري احتجاجن کي صرف مظاهرا نه پر وڏي عوامي بغاوت قرار ڏيندي چيو آهي ته اهي روس لاءِ به هڪ واضع پيغام آهن ته حالتون انهن لاءِ به آسان ناهن زيليئنسڪي چيو ته عالمي ادارن کي گهرجي ته هو ايراني عوام جي مدد ڪن ته جيئن موجوده حڪمرانن کي اقتدار مان هٽائي سگهجي. هن چيو ته ايران ۾ ماڻهو تبديلي چاهين ٿا.ٻئي طرف چين ايران تي آمريڪي ممڪن حملي بابت رپورٽن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته هو طاقت جي استعمال جي مخالفت ڪري ٿو ۽ عالمي قانونن تحت هر ملڪ جي خودمختياري ۽ سلامتي جو احترام ضروري آهي.چيني پرڏيهي وزارت موجب ايران جي حڪومت ۽ عوام موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ جي سگهه رکن ٿا جڏهن ته ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنہ اي چيو آهي ته ايراني قوم مضبوط، باخبر ۽ متحد آهي۔

پنھنجي راءِ لکو