فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) فيلڊ فارميشنز ۾ عورتن لاءِ مقرر ڪيل 10 سيڪڙو ڪوٽا تي مڪمل عملدرآمد جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن۔ ايف بي آر عورتن جي ڪوٽا بابت گهربل سموريون ڄاڻون فوري طور مهيا ڪرڻ جا حڪم ڏنا آهن ۽ واضح ڪيو آهي ته هن معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي ايف بي آر عملدارن موجب عورتن جي ڪوٽا تي عملدرآمد کي سڀ کان اهم ترجيح قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته سڀني ڪسٽمز ڪليڪٽوريٽن ۽ ڊائريڪٽوريٽن کي باضابطا هدايتون جاري ڪيون ويون آهن۔ايف بي آر عورتن جي ڪوٽا بابت ڊيٽا 16 جنوري تائين موڪلڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اها ڄاڻ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڏانهن اماڻي ويندي عملدارن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته عورتن جي نمائندگي وڌائڻ لاءِ سرڪاري نوڪرين ۾ سخت نگراني شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪسٽمز ۽ انٽيليجنس آفيسن کان فوري رپورٽون پڻ طلب ڪيون ويون آهن۔
