ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ ايران تي آمريڪي حملو ممڪن تياري مڪمل آهي مشاهد حسين سيد

بين الاقوامي معاملن جي ماهر مشاهد حسين سيد انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪا ايران تي ممڪن حملي لاءِ مڪمل تياري ڪري ڇڏي آهي ۽ ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران ڪو به وڏو واقعو پيش اچي سگهي ٿو  اي آر وائي نيوز جي پروگرام خبر آهي ۾ خاص ڳالهه ٻولهه دوران هن چيو ته صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي ٿي چڪي آهي۔مشاهد حسين سيد جو چوڻ هو ته جيڪڏهن آمريڪا ايران تي حملو ڪيو ته ايران به ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جنهن سبب آمريڪا کي ايران جي ردعمل بابت خدشو آهي۔ هن ٻڌايو ته ڪيترائي ملڪ آمريڪا کي ايران تي حملو نه ڪرڻ جو مشورو ڏئي رهيا آهن، ڇو ته ان جا نتيجا انتهائي سنگين ٿي سگهن ٿا۔هن وڌيڪ چيو ته ايران وڏي آبادي ۽ مضبوط دفاعي صلاحيتن وارو ملڪ آهي، ان تي حملو پوري خطي کي جنگ ۾ ڌڪي سگهي ٿو۔ مشاهد حسين سيد موجب آمريڪا جي پاليسي هاڻي آمريڪا فرسٽ مان بدلجي اسرائيل فرسٽ ٿي چڪي آهي۔ٻئي طرف برطانوي خبر رساں اداري پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا طرفان ايران تي فوري حملي جو خطرو وڏي حد تائين وڌي ويو آهي۔ رپورٽ موجب آمريڪي فوج اوچتي حملي جي حڪمت عملي اختيار ڪري سگهي ٿي۔ خبر اداري موجب ايران پنهنجي فضائي حدون سمورين پروازن لاءِ بند ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته برطانيا عارضي طور تي تهران ۾ پنهنجو سفارتخانو بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ مغربي ملڪن پنهنجي شهرين کي ايران ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي

پنھنجي راءِ لکو