پرڏيهي دفتر جي ترجمان طاهر حسين اندرابي اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان ايران ۾ جاري صورتحال تي نظر رکي رهيو آهي ۽ اسان ايران جي مسئلي جو پرامن حل چاهيون ٿا۔انهن چيو ته پاڪستان علائقي ۾ امن ۽ استحڪام جو حامي آهي ۽ اميد آهي ته ايران پنهنجن بحرانن تي جلد قابو پائيندو۔ ترجمان آمريڪي امیگریشن ويزا پراسس تي پابندي بابت چيو ته اهو آمريڪا جو اندروني عمل آهي ۽ ان تي نظرثاني ٿي رهي آهي۔طاهر حسين اندرابي صوماليه جي خودمختياري تي حملو ناقابل قبول قرار ڏنو ۽ چيو ته او آءِ سي جي وزرائن جي اجلاس ۾ پاڪستان صومالي لينڊ جي معاملي تي پنهنجو موقف ٻيهر ظاهر ڪيو ۽ اسرائيل پاران صومالي لينڊ کي تسليم ڪرڻ جي شديد مذمت ڪئي
