ڀارت جو اثر خطي ۾ ڪمزور پاڪستان ۽ چين سان پاڙيسرين جا ويجها تعلقات

سائوتھ چائنا مارننگ پوسٽ موجب ڀارت خطي ۾ پنهنجي اثر رسوخ قائم رکڻ ۾ ناڪام آهي. انتهاپسند هندو توا پاليسين ۽ نفرت تي ٻڌل قدمن سبب ڀارت بين الاقوامي ۽ علائقائي سطح تي اڪيلائي جو شڪار آهي۔مودي سرڪار کي سفارتي ميدان تي لڳاتار ناڪاميون پيش اچي رهيون آهن ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ڀارت جي سفارتي حيثيت تدريجي طور ڪمزور ٿي رهي آهي۔ بنگله ديش ۽ ميانمار ڀارت جي اثر کان نڪري پاڪستان ۽ چين سان ويجها تعلقات قائم ڪري چڪا آهن، جنهن سبب ڀارت کي سنگين سياسي ۽ جغرافيائي چئلينجز درپيش آهن۔بين الاقوامي تعلقات جي ماهر سری رادھا دتہ موجب ڀارت کي بنگله ديش ۽ ميانمار سان تعلقات ۾ پيچيدگيون پيش اچي رهيون آهن، جڏهن ته اڳوڻو سفارتڪار ڪي پي ايف بين موجب ڀارت پاڙيسرين سان تعلقات بهتر بڻائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو