ڀارت بنگله ديش کي نان فيملي ملڪ قرار ڏئي ڇڏيو سفارتڪارن جا خاندان واپس طلب

ڀارت بنگله ديش کي سفارتي مقررين لاءِ ”نان فيملي“ ملڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن بعد بنگله ديش ۾ مقرر ڀارتي سفارتڪارن ۽ سفارتي عملي جا گهر ڀاتي واپس ڀارت گهرايا ويا آهن۔بي بي سي موجب اهو فيصلو پهرين جنوري کان لاڳو ٿي چڪو آهي، جڏهن ته بنگله ديش ۾ مقرر ڀارتي عملدارن کي هدايت ڪئي وئي هئي ته سندن گهر ڀاتي اٺ جنوري تائين ڀارت واپس روانا ٿين۔رپورٽ موجب جن سفارتڪارن ۽ عملي جي ٻارن جي تعليم بنگله ديشي اسڪولن ۾ جاري هئي، انهن کي واپسي لاءِ وڌيڪ ست ڏينهن جي مهلت ڏني وئي۔واضح رهي ته ان کان اڳ ڀارت پاڪستان، افغانستان، عراق ۽ ڏکڻ سوڊان کي ”نان فيملي“ ملڪ قرار ڏئي چڪو هو، جڏهن ته هاڻي بنگله ديش به ان فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو