اسرائيل پاران غزه ۽ لبنان ۾ جارحيت جو سلسلو جاري آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي ٽينڪ ڏکڻ لبنان ۾ لبناني فوج ۽ گڏيل قومن جي امن مشن فورس ”يونيفل جي گڏيل ٽيم جي چوڌاري فائرنگ ڪئي آهي رپورٽن موجب لبناني فوج جي ٽيم جڏهن وادي العصافير ويجهو يونيفل سان گڏيل فيلڊ مشن تي هئي ته ڏکڻ علائقي ”الحمامص“ ۾ قائم نئين اسرائيلي مورچي مان ٽينڪ ذريعي فائرنگ ڪئي وئي۔جمعي جي منجهند جو ڏکڻ لبنان جي ضلعي بنت جبيِل جي ڳوٺ عيترون ڀرسان لبناني سرحد اندر جبل الباط ۾ قائم اسرائيلي مورچي مان مشين گنن سان فائرنگ ڪئي وئي۔اوڀر ۾ اسرائيلي ڊرون بعلبڪ بين الاقوامي شاهراهه تي مجدلون موڙ وٽ هڪ ڪار کي نشانو بڻايو، جڏهن ته ٻيو ڊرون حملو بعلبڪ ۾ دارالامل اسپتال ويجهو دورس ڳوٺ تي ڪيو ويو۔اهي واقعا اهڙي وقت پيش آيا آهن جڏهن نومبر 2024 ۾ اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ جنگبندي معاهدو ٿيو هو، پر ان باوجود اسرائيلي حملا جاري آهن۔ اسرائيل جو چوڻ آهي ته هو حزب الله جي ٺڪاڻن ۽ ميمبرن کي نشانو بڻائي رهيو آهي۔
