برطانيا هڪ پٺيان هڪ شديد طوفانن جي لپيٽ ۾ آهي، جتي اڄ طوفان چندرا ملڪ سان ٽڪرائڻ وارو آهي۔ ميڊيا رپورٽن موجب طوفان چندرا تيز هوائون، زوردار برسات ۽ برفباري کڻي ايندو، جنهن سبب ملڪ جي گهڻن علائقن ۾ روزمره زندگي متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي۔هي هلندڙ سال برطانيا سان ٽڪرائڻ وارو ٽيون وڏو طوفان آهي۔ اتر آئرلينڊ ڏکڻ اولهه ۽ ڏکڻ اوڀر انگلينڊ ۽ ويلز ۾ تيز هوائن سان گڏ سخت برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي۔ تيز هوائن سبب عمارتن کي نقصان، وڻ ڪرڻ ۽ بجلي بند ٿيڻ جو امڪان آهيطوفان چندرا جي ڪري برطانيا جي 27 علائقن ۾ برفباري جون وارننگون جاري ڪيون ويون آهن۔ موسميات کاتي موجب طوفان سبب ملڪ ڀر ۾ معمولاتِ زندگي سخت متاثر ٿي سگهن ٿا۔ميٽ آفيس جو چوڻ آهي ته ايندڙ شديد برفاني طوفان، جنهن کي برفاني بم چيو پيو وڃي، في ڪلاڪ 6 انچ تائين برفباري جو سبب بڻجي سگهي ٿو۔ خاص طور تي مغربي ۽ اتر يارڪشائر جي اوچن علائقن ۾ ڳري برف پوڻ جو خدشو آهي۔مجموعي طور تي 10 موسمي وارننگون جاري ڪيون ويون آهن، جڏهن ته روڊن ۽ ريلوي نظام ۾ وڏي پيماني تي خلل پوڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي۔ انگلينڊ جي اترين علائقن ۽ اسڪاٽلينڊ جي ڪجهه حصن ۾ 20 سينٽي ميٽر تائين برفباري متوقع آهي
