پاڪستان ۾ ٽيڪس سڌارا پاڻي بچت ۽ سبسڊي اصلاحات تي زور

عالمي بينڪ جنوبي ايشيا ۾ ترقيءَ بابت رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ ٽيڪس نظام کي بهتر بڻائڻ، ٽيڪس بيس وڌائڻ ۽ ريونيو وڌائڻ تي زور ڏنو ويو آهي بينڪ آلودگي گهٽائڻ جي به تجويز پيش ڪئي آهي ته جيئن آمدني ۾ واڌارو ممڪن بڻجي سگهي۔رپورٽ موجب پاڪستان دنيا جي سڀ کان وڌيڪ پاڻي جي کوٽ وارن ملڪن ۾ شامل آهي، جتي ناقص آبپاشي نظام ۽ غير موثر زرعي طريقن سبب پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي۔ پنجاب ۾ جديد آبپاشي منصوبن سان 57 سيڪڙو پاڻي بچت ٿيو، جڏهن ته جديد زرعي منصوبن ذريعي فصلن جي پيداوار ۾ 14 کان 31 سيڪڙو واڌارو ڏٺو ويو۔عالمي بينڪ پاڪستان ۾ بجلي ۽ گئس جي سبسڊي کي بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام سان ڳنڍڻ جي سفارش ڪئي آهي. سبسڊي سڌارن سان غلط ورڇ، مالي نقصان ۽ سرڪلر ڊيبٽ ۾ گهٽتائي ايندي ۽ ايندھن تي ڏنل سبسڊي سماجي تحفظ وارن پروگرامن تي خرچ ڪري سگهجي ٿي۔رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ٻوڏ کان متاثر ننڍن ڪاروبارن لاءِ ڪليمٽ رسڪ فيسلٽي قائم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته بي آءِ ايس پي کي ڊجيٽل نظام ذريعي وڌيڪ موثر بڻايو ويو آهي. ڪرونا دوران بي آءِ ايس پي ذريعي 1 ڪروڙ 20 لک خاندانن کي امداد فراهم ڪئي وئي، ۽ پاڪستان ۽ مالديپ ۾ امداد لاءِ پاڻ رجسٽريشن جو نظام موجود آهي۔عالمي بينڪ هن رپورٽ جو عنوان “خطرا کان استحڪام ڏانهن سفر” رکيو آهي، جنهن ۾ ترقياتي اصلاحات، ماحولي تحفظ ۽ سماجي تحفظ جا اقدامات نمايان ڪيا ويا آهن۔

پنھنجي راءِ لکو