آسٽريليا ۾ شديد گرمي جي لهر، جنگلات ۾ باهه ڀڙڪي پئي ميلبورن ۾ 17 سالن جو گرم ترين ڏينهن

آسٽريليا جي ڏکڻ اوڀر علائقن ۾ شديد گرمي جي لهر سبب جنگلات ۾ باهه ڀڙڪي پئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ وڪٽوريا رياست جي گادي واري شهر ميلبورن ۾ گذريل 17 سالن جو گرم ترين ڏينهن رڪارڊ ڪيو ويو آهي۔پرڏيهي ميڊيا موجب، منگل جي ڏينهن ميلبورن ۾ گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي رهيو، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ گرمي پد تقريباً 49 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو۔رائٽرز موجب اهي انگ اکر آسٽريليا جي موسميات کاتي جي شروعاتي ڊيٽا تي ٻڌل آهن۔ صورتحال کي نظر ۾ رکندي وڪٽوريا جي ديهي علائقن مان هزارين ماڻهن کي لڏپلاڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي۔حڪام جو چوڻ آهي ته موجوده گرمي جي لهر کي 2009ع جي بدنام زمانه ’’بليڪ سنيچر‘‘ کان پوءِ سڀ کان خطرناڪ قرار ڏنو پيو وڃي، جڏهن رياست وڪٽوريا ۾ 173 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا۔وڪٽوريا جي چيف فائر آفيسر ڪرس هارڊمين موجب هن وقت ڇهن هنڌن تي باهه ڀڙڪي رهي آهي، جن مان ٽن هنڌن تي باهه اڃا تائين ڪنٽرول کان ٻاهر آهي۔ صرف اوٽ ويز واري علائقي ۾ باهه لڳ ڀڳ 10 هزار هيڪٽر زمين کي ساڙي چڪي آهي۔هن خبردار ڪيو ته تيز هوائن سبب باهه وڌيڪ پکڙجڻ جو خطرو موجود آهي، جنهن سان مقامي آبادي کي شديد خطرا لاحق ٿي سگهن ٿا۔

پنھنجي راءِ لکو