آمريڪا ۾ شديد سردي ۽ طاقتور سياري جي طوفان سبب فوتگين جو انگ وڌندو پيو وڃي۔ ملڪ جي وچولي ۽ اوڀر علائقن ۾ سخت سردي برقرار آهي، جتي سياري جي طوفان سبب درجنين ماڻهو جان وڃائي ويٺا آهن۔رائٽرز موجب منگل تائين آمريڪا جي 14 رياستن ۾ 38 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جن مان اڪثر فوتگيون هائپوتھرميا ۽ دل جو دورو پوڻ سبب ٿيون آهن۔ نيويارڪ جي ميئر ظہران ممداني موجب صرف نيويارڪ ۾ 10 ڄڻا سخت سردي سبب فوت ٿيا آهن۔ميئر ٻڌايو ته سخت سردي کان بچاءَ لاءِ 500 کان وڌيڪ بي گهر ماڻهن کي پناهه گاهن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي۔ ماهرن جو چوڻ آهي ته شديد سردي جي لهر پهرين فيبروري تائين برقرار رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته 200 ملين کان وڌيڪ شهرين لاءِ وارننگ جاري ڪئي وئي آهي۔موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته هفتي جي آخر ۾ اوڀر آمريڪا ۾ نئون طوفان اچڻ جو خطرو آهي۔ هن طوفان سبب وسيع علائقا برفباري، منجمد برسات ۽ نقطه انجماد کان گهٽ گرمي پد جي لپيٽ ۾ آهن، جنهن سان ٽريفڪ متاثر، پروازون منسوخ ۽ بجلي بندش جا واقعا پيش آيا آهن
