عالمي مارڪيٽ ۾ غير يقيني صورتحال سبب پاڪستان ۾ فيبروري جي پهرين پندرهن ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي ذريعن موجب آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) نون اگهن بابت سمري تيار ڪري ورتي آهي، جيڪا منظوري لاءِ موڪلي ويندي، جنهن بعد نوان اگهه لاڳو ڪيا ويندا۔ذريعن جو چوڻ آهي ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل، لائيٽ ڊيزل آئل ۽ مٽي جي تيل جي اگهن ۾ واڌ جي تجويز آهي، جڏهن ته پيٽرول جي اگهه ۾ معمولي گهٽتائي جو امڪان آهي۔
