اڳوڻي واپار واري وزير گوهر اعجاز يورپي يونين ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٿيندڙ واپاري معاهدي کي پاڪستان جي صنعتن، خاص طور ٽيڪسٽائل شعبي لاءِ وڏو خطرو قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان ملڪ جي برآمدات ۽ لکين ماڻهن جي روزگار تي منفي اثر پئجي سگهي ٿو۔لاهور ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ان معاهدي سبب پاڪستان جي لڳ ڀڳ 9 ارب ڊالر جي ٽيڪسٽائل برآمدات متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن جو روزگار به خطري ۾ پئجي سگهي ٿوهن چيو ته يورپي يونين پاران پاڪستان کي مليل خاص تجارتي سهولتن جو دور ختم ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي سمورن علائقائي ملڪن لاءِ زيـرو ٽيرف پاليسي لاڳو ٿيندي، جنهن سان پاڪستاني صنعت کي سخت مقابلي کي منهن ڏيڻو پوندو۔گوهر اعجاز حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ٽيڪسٽائل شعبي کي بچائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن ۽ صنعتن کي علائقائي ملڪن جي برابر اگهن تي بجلي ۽ گئس فراهم ڪئي وڃي۔هن وڌيڪ چيو ته صنعتن تي ٽيڪسن ۽ ڪاروباري لاڳت کي پاڙيسري ملڪن جي برابر آڻڻ وقت جي ضرورت بڻجي چڪي آهي۔
