اسرائيلي فوج جو اعتراف غزه جنگ ۾ 71 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد

صهيوني رياست جي فوج پهريون ڀيرو اعتراف ڪيو آهي ته آڪٽوبر 2023 کان جاري غزه جنگ دوران فوجي ڪارروائين ۾ 71 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿيا آهن اسرائيلي اخبار هارٽز موجب هي انگ صرف سڌي فوجي حملن ۾ مارجي ويل ماڻهن تي ٻڌل آهي، جڏهن ته ملبے هيٺان دبيل، بک يا بيمارين سبب فوت ٿيل ماڻهو ان ۾ شامل ناهن۔غزه جي صحت واري وزارت موجب شهيدن جي سڃاڻپ جو وڏو حصو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ گڏيل قومون پڻ انهن انگن اکرن کي معتبر قرار ڏئي ٿي۔ مسلسل حملن سبب غزه جا ڪيترائي علائقا مڪمل طور تباهه ٿي چڪا آهن ۽ جنگبندي باوجود به حملا جاري هجڻ جون خبرون سامهون اچي رهيون آهن۔

پنھنجي راءِ لکو